اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب معيشت بهتري طرف گامزن آهي ۽ جلد ئي عوام کي حڪومت جي معاشي پاليسين جا مثبت اثر ڏسڻ ۾ ايندا، اسان کي احساس آهي ته عام ماڻهو جي لاءِ خرچن ۽ آمدني جي توازن کي برقرار رکڻ ??ڪ چئلينج کان گهٽ نه آهي. اي پي پي سان ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته سرڪاري نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ري ??اڊ??ولنگ، وڊيو نيوز سروس جي ويب ٽي وي ۽ اداري جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شام?? آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته اه?? ادارو مستقبل ۾ جديد دور جي گهرجن ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ عالمي معيار موجب پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری