اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي غريب ۽ مستحق ماڻهن کي غربت مان هميشه لاءِ ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام جي گريجوئيشن پلان جي لاءِ بهترين عالمي طريقن ۽ ماضي جي تجربن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن اها ڳالهه بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) مان فائدو حاصل ڪن??ڙن جي لاءِ گريجوئيشن پلان جي باري ۾ بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ، بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عمر حميد خان ۽ ٻيا سينئر آفيسر به اجلاس ۾ موجود هئا. وزيراعظم کي گريجوئيشن جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو جيڪو بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪن??ڙن کي انهن جي گهريلو آمدني ۾ اضافي، هنرمند بڻائڻ جي تربيت ۽ انساني وسيلن جي ترقي سان ??ڏوگڏ ڀلائي کي فروغ ڏئي کين غربت جي چنبي مان هميشه لاءِ ڪڍڻ لاءِ جوڙي پئي وڃي.
وزيراعظم جي گريجوئيشن پلان بابت بريفنگ جي موقعي تي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ