اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته امپائر جي آڱر ڳوليندڙ ۽ ڌرڻو هڻندڙ آئين ۽ قانون ڇا ڄاڻي، پارليامين?? تي حملو ڪندڙ شخص جو قانونسازي، چونڊ سڌارن ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي سان ڪو به تعلق ناهي، هميشه وانگر عمران صاحب جي ذهني حالت اڄ به ڳڻتي جوڳي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته محمد نواز شريف پنهنجي پوري خا??دا?? جو ۽ گذريل 30 سالن جو حساب ڏئي رهيو آهي، توهان صرف 3، 4 سالن جو ئي حساب ڏي??، هندوئن ۽ يهودين کان پارٽي فنڊنگ ڪنهن ورتي؟ پارٽي فنڊن جي لاءِ جوا ڪنهن کيڏي؟ بني گالا جو گهر ڪنهن جوا جي رقم مان ورتو؟ مريم اورنگزيب چيو ته توهان پنهنجي چوري ۽ ڏوهه جو اعتراف پاڻ ڪري چڪا آهيو،صرف سزا جو انتظار ڪري??، هڪ قانوني عدالت کان ۽ ٻي پاڪستان جي عوام جي عدالت مان، خيبر پختونخوا ۾ پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ احتساب ڪميشن کي تالو ڪنهن لڳايو؟
امپائر جي آڱر ڳوليندڙ ۽ ڌرڻو هڻندڙ آئين ۽ قانون ڇا ڄاڻي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil