اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) گڏيل مفاد?? واري ڪائونسل ۾ ڪڇي ڪينال ڪيس ۾ بدعنواني ۾ ملوث عملدارن ??ي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو متفقه فيصلو ڪ??و ويو آهي ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ماضي ۾ ترقياتي منصوبا ڪڏهن به وقت سر مڪمل ناهن ڪيا ويا ۽ لاڳت ۾ اضافو معمول بڻجي ويو تنهن ڪري اڳتي سمورن منصوبن کي منظور ٿيل لاڳت ۽ مقرر مدي اندر انتهائي شفافيت سان مڪمل ڪيو وڃي. گڏيل مفاد?? واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون