اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پانامه پيپرز جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ڪارروائي جي آغاز لاءِ کلي دل سان آجيان ڪندي چيو آهي ته پانامه پيپرز جو مع??ملو هاڻي اليڪشن ڪميشن، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي سامهو?? آندو ويو آهي، آئون آئين جي پاسداري، قانون جي حڪمراني ۽ مڪمل شفافيت تي پختو يقين رکان ٿو، وزيراعظم هائوس ??ي ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته پاناما رپورٽس جي آغاز کان ئي اپوزيشن جي ڪنهن به مطالبي کان پهرين هن سپريم ڪورٽ جي مع??ز رٽائرڊ ججن تي مشتمل ڪميشن جو اعلان انهي جذبي سان ڪيو هو ته شفاف تحقيق جي ذريعي اصل حقيقتون عوام جي سامهون اچن. ان جي جواب ۾ واحد مطالبو هي سامهون آيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ حاضر سروس ??جن تي مشتمل ڪميشن جوڙيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا