اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان چين سفارتي لاڳاپن جي 65 هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا سدائين منفرد، پائيدار ۽ ويجهي نوعيت جا رهيا آهن، چين پاڪستان جو هڪ سچو ۽ سدابه??ر دوست آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغ??م ۾ هن چيو ته سرڪاري ۽ عوامي سطح تي ٻنهي ملڪن جي ويجهي ۽ گڏيل لاڳاپن جي گونج پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، اسان چين سان اسٽريٽجڪ تعاون ۾ حصيداري ۽ سمنڊ کا?? گهري ۽ هماليه کا?? اونچي سدابه??ر دوستي کي وڌيڪ استحڪام ڏيڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون آهن، ٻئي حڪومتون پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي معاشي استحڪام، پرامن پاڙيسريت ۽ گڏيل مقصدن جي تعمير جي لاءِ هڪ مثا??ي منصوبو قرار ڏئي چڪيون آهن،
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری