بيجنگ-31 آڪٽوبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته آمريڪا پاران تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي دفاع واري وزارت جي ترجمان زانگ شياگنگ هڪ بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪا کي سمجهڻ گهرجي ته تائيوان کي هٿيارن جي ??راهمي جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته تائيوان جو مسئلو چين جي بنيادي مفادن ۾ سڀ کان اهم آهي ۽ اهو چين- آمريڪا لاڳاپن ۾ پهرين ڳاڙهي لائين جي ??مائندگي ڪري ٿو جنهن کي ک??س پار نه ڪرڻ گهرجي. هن ٻيٽ لاءِ 2 بلين ڊالرن جي امڪاني هٿيارن کي وِڪري جي ??ي??يج جي حوالي سان چيو ته چين آمريڪا تي زور ڀري ٿو ته هو تائيوان کي هٿيارن جي ??راهمي جي سنگين نتيجن کي چڱيءَ طرح سمجهي ۽ آمريڪا پنهنجي دفاعي صنعت کي تقويت ڏيڻ لاءِ تائيوان جو استحصال ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته آمريڪي بچاءَ کاتي جي دفاعي سلامتي ڪوآپريشن ايجنسي اعلان ڪيو هو ته پرڏيهي کاتو تائيوان لاءِ تقريبن 2 بلين ڊالرن جي ??اليت جي ??ٿيارن جي ??ي??يج جي ??نظوري ڏني آهي جنهن ۾ نيشنل ايڊوانسڊ سرفيس ٽو ايئر ميزائل سسٽم ۽ ريڊار سسٽم شامل هوندا.
آمريڪا پاران تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو: چين
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر