واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا چيو آھي ته ايران تي ا??را??يلي حملي جي تياري جو راز کلڻ تي پينٽاگون جي ڪنھن ملازم کان پڇاڳاڇا ڪرڻ جو ارادو ناھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق اھا ڳالھه ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئ??.ھن چيو ته اھڙو ڪو او ايس ڊي ناھي جنھن جو نالو ا?? ليڪس بابت جاچ ۾ شامل ھجي.آمريڪي اداري ”ايف بي آءِ“ گذريل ڏينھن چيو ھو ته انتھائي ڳجھي معلومات منظر عام تي اچڻ جي حوالي سان جاچ شروع ڪئ?? وئي آهي. ايف بي آءِ مطابق اھا جاچ ايران تي ا??را??يلي حملي جي تياري بابت دستاويزن سان لاڳاپيل آھي، جڏھن ته لائيڊ اي آسٽن چيو ته ڪنھن جي به ان معاملي ۾ ملوث ھجڻ جا اطلاع نه مليا آھن. ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي بنا ڪنھن ثبوت جي اھڙا اطلاع سامھون آيا ته آمريڪا جي دفاع واري وزارت جو ھڪ ملازم ا??را??يلي منصوبي کي ليڪ ڪرڻ جو ذميوار آھي ۽ جنھن کان جاچ ڪئ?? پئي وڃي. ليڪ ٿيل معلومات جي حوالي سان ائين ظاھر ٿي رھيو آھي ته اھي حساس نوعيت جا دستاويز ”نيشنل جيو اسپيشل انٽيلي جنس ايجنسي“ پارا?? ليڪ ڪيا ويا آھن، دستاويز 15 کان 16 آڪٽوبر دوران سيٽلائٽ جي تصويرن بابت آھن جيڪي ا??را??يلي منصوبي جي آمريڪي تشريح جي سلسلي ۾ تيار ڪيا ويا آھن .اھي دستاويز سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽيلي گرام ميسجنگ“ تي گذريل ھفتي کان گردش ھيٺ آھن. وائيٽ ھائوس جي ترجمان جو چوڻ ھو ته اھا ڳالھه چوڻ مشڪل آھي ته دستاويز ھيڪ ڪيا ويا آھن يا ڪنھن لاڳاپيل اھلڪار انهن کي ليڪ ڪيو آھي. واضح رھي ته ا??را??يل ايران پاران پھرين آڪٽوبر تي ا??را??يل تي ڪيل بيلسٽڪ ميزائل حملي جو جوابي حملي جو اعلان ڪيو آھي جنھن جي تياري جاري آھي. جڏھن ته حماس جي اڳواڻ يحييٰ سنوار جي شھادت کان پوءِ ا??را??يل غزه ۽ لبنان تي حملا تيز ڪري ڇڏيا آھن.
ايران تي اسرائيلي حملي جي تياري جو راز کلڻ تي پينٽاگان جي ڪنھن به ملازم کان پڇاڳاڇا نه ڪئي ويندي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن