واشنگٽن-09 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ چونڊن واري ڏينهن دهشتگرد حملي جي رٿابندي تي افغانستان سان تعلق رکندڙ هڪ شخص کي اوڪلاهوما رياست مان گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪا جي انصاف واري کاتي افغانساتن جي ن??صر احمد توحيدي نالي شهري تي فرد جرم لاڳو ڪندي چيو ته اهو شخص داعش جي نالي تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيو هو . ن??صر احمد توحيدي 2021ع ۾ خصوصي اميگرنٽ ويزه تي آمريڪا ۾ داخل ٿيو ۽ اوڪلاهوما شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. اسپيشل اميگرنٽ ويزا پروگرام تي هڪ سال جي عرصي ۾ 50 ماڻهو داخل ٿي چڪا آهن جيڪي افغانستان يا عراق ۾ آمريڪي فوج يا چيف آف مشن تحت ٽرانسليٽر طور ڪم ڪن??ا رهندا آهن. انصاف واري کاتي طرفان الزام ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ن??صر توحيدي افغانستان ۾ ٽرانسليٽر طور ڪم ڪري رهيو هو. افغان شخص تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن گادي واري شهر ڊي سي جي ڪي??رائن تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ آن ??ائ?? انفارميشن جي ڳولا ڪئي خاص طورتي انهن رياستن جي حوالي سان جتي هٿيارن لاءِ لائسنس جي ضرورت ناهي، لاڳاپيل شخص وائيٽ هائوس ۽ واشنگٽن مونيومينٽ جي ويب ڪي??رائن کي به آن ??ائ?? چيڪ ڪي??، ن??صر توحيدي سان گڏ سندس ننڍي عمر جو هڪ ٻيو شخص پڻ ملوث آهي جنهن کي سومر ڏينهن آمريڪي جاچ اداري ايف بي آئي جي هڪ ڳ??هي ايجنٽ کان ٻه رائفلز خريد ڪرڻ جي ارادي سان ٿيل ملاقات بعد گرفتار ڪي?? ويو آهي. گرفتاري بعد ن??صر توحيدي اعتراف ڪي?? آهي ته هو آمريڪا ۾ اليڪشن واري ڏهاڙي هڪ وڏي ميڙ ۾ حملي جي رٿابندي ڪري رهيو هو.
آمريڪا ۾ چونڊن واري ڏينهن دهشتگرد حملي جي رٿابندي ڪرڻ تي افغان شهري گرفتار
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena