??يا??-06 آگسٽ (اي پي پي ) عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيث ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ملاقات ۾ غزه بحران تي ڳالهيون ڪيون. اردو نيوز موجب سيڪريٽري جنرل جي ترجمان جمال رشدي ٻڌايو ته ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي تفصيلي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .ملاقات دوران عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيث خبردار ڪيو ته اسرائيل جي هاڻوڪن قدمن سان خطي کي سنگين خطرا درپيش آهن. ملاقات ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين معاملن ۾ عرب ليگ ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپن کي اڳيان وڌائڻ جي طريقن جو به جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملا خاص طور تي غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت دوران فلسطيني ڪاز جي حوالي سان اڳڀرائي تي به خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪريٽري جنرل عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها فلسطين جي عوام خاص ڪري غزه جي شهرين جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڀري، جيڪي اسرائيلي حملن سبب روزانو مشڪلاتن جو شڪار آهن . هن فوري جنگبندي، فوري امداد جي فراهمي ۽ ٻه ??يا??تي حل تي عمل لاءِ اعتماد جوڳو رستو ڪڍڻ لاءِ به زور ڀريو. عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل فلسطينين جي حمايت ۾ عالمي فورم ۾ ترڪيه جي اصولي ۽ چٽي موقف جي تعريف ڪئي. ڌرين شام، ليبيا ۽ سوڊان جي تازي صورتحال تي به خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي
عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات، غزه بحران تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر