اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) و??ير????ظم محمد شهباز شريف ڪراچي جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. و??ير????ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير????ظم پورٽ ٽرسٽ تي قائم سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينلز جو دورو ڪندو. و??ير????ظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ايف بي آر جي ڪسٽم ڪليئرنس جي خودڪار نظام جو افتتاح ڪندو. ان نظام جو مقصد ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ شفافيت ۽ ڪليئرنس جي وقت ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. و??ير????ظم پنهنجي گذريل ڪراچي جي دوري ۾ ان خودڪار نظام کي لڳائڻ جون هدايتون ڏنيون هيون. و??ير????ظم پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ڪندو جنهن ۾ ان جي 2024ع ۾ پوري دنيا جي ٻي بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج جو اعزاز حاصل ڪرڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. دوري ۾ و??ير????ظم آغا خان يونيورسٽي ۾ ڪلينڪل پريڪٽس جي هدايت جي مهورتي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. نائب و??ير????ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نش??يات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ به و??ير????ظم سان گڏ آهن.
وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تي قائم سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينلز جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ