ڪراچي-03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلائنڊ ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي قومي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون ۽ ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو ??هي. جاري بيان ۾ هن چيو ته بلائنڊ ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي قوم لاءِ بي پناهه فخر ۽ مسرت جو سبب آهي، رانديگرن جي محنت، لڳن ۽ ناقابل شڪست جذبي ثابت ڪيو ته ڪا به رڪاوٽ ناقابل عبور ناهي، اها ڪاميابي پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي صلاحيتن ۽ عزم جو چٽو ثبوت ??هي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان فتح مان ظاهر آهي ??ه پاڪستاني قوم هر شعبي ۾ عظمت حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اميد آهي ته اسان جي بلائنڊ ??رڪيٽ ٽيم مستقبل ۾ به ملڪ لاءِ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي رهندي. هن وڌيڪ چيو ??ه پيپلزپارٽي خصوصي ماڻهن لاءِ موقعا ف??اه?? ڪرڻ ۽ انهن جي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرم عمل رهندي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر