اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايران ??ان واپار، سلامتي، ثقافت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهرا تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان جي عوام ايراني عوام ??ان تمام گهڻو احترام ۽ محبت رکي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ايوان صدر ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغدم ??ان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وقتي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ايران ڪيترن ئي عالمي ۽ علائقائي فورمز جا فعال ميمبر رهيا آهن. ٻنهي ملڪن ??ان گڏوگڏ وسيع تر خطي ??ان رابطي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موجوده تعاون جي حقيقي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. ايراني سفير ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته پاڪستان گذريل سال ايران جو پنجون وڏو واپاري حصيدار هو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي موجوده ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. خطي جي غيرمستحڪم صورتحال تي خيالن جي مٽاسٽا ڪندي سفير چيو ته ا??ان لبنان ۽ غزه ۾ نسل ڪشي جا واقعا ڏسي رهيا آهيون. هن 7 آڪٽوبر 2024ع تي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) منعقد ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت کي ساراهيو ۽ وڌيڪ چيو ته اهو ا??ان جي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي حمايت ڪرڻ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ م??ڊل جو ڪم ڪري سگهي ٿو. وقتي صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان فلسطين ڪاز جي حمايت جي لاءِ پرعزم آهي. وقتي صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سميت عوامي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي روشني وڌي. آخر ۾ وقتي صدر هر سال ايراني مذهبي جاين ??و دورو ڪندڙ پاڪستاني زائرين کي سهولت فراهم ڪرڻ تي ايراني حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستاني زائرين ??ي روحاني سفر دوران ايراني عوام جي گهري محبت ۽ لڳاءُ جو اعتراف ڪيو.
ايران سان واپار، سلامتي، ثقافت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ گهرجي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت