راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر وزيرستان جي ضلعي جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن خلاف بهادريءَ س??ن وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪر??ل محمدعلي شوڪت سميت پاڪ فوج جي شهيد 6 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ڪر??ل محمد علي شوڪت شهيد (عمر 43 سال، رهواسي فيصل آباد)، لانس نائيڪ محمد الله شهيد (عمر 29 سال، رهواسي خيبر)، لانس نائيڪ اختر زمان شهيد (عمر 30 سال، رهواسي لڪي مروت)، لانس نائيڪ شاهد الله شهيد (عمر 29 سال، رهواسي ٽانڪ)، لانس نائيڪ يوسف علي شهيد (عمر 31 سال، رهواسي اورڪزئي) ۽ سپاهي جميل احمد شهيد (عمر 26 سال، رهواسي سوات) گذريل ڏينهن دهشتگردن سان بهادريءَ س??ن مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، جن کي سندن اباڻن ڳوٺن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ سينيئر حاضر سروس فوجي آفيسرن، فوجي جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقن جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي شيهدن جون اهي قربانيون دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ ۾ اسان جي عز?? ۽ حوصلي کي تقويت بخشين ٿيون.
اُتر وزيرستان ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت سميت پاڪ فوج جي شهيد 6 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر