اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وز??رت چيو ته ملڪي معيشت استحڪام سان اؤسر طرف گامزن آهي، اهم اقتصادي اهڃاڻ مثبت رُخ ۾ اڳيان وڌي رهيا آهن، واپاري ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي جڏهن ته ملڪي روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ مهانگائي جي شرح 8 کان 9 سيڪڙو وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ناڻي وز??رت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ ٻُڌائي وئي آهي. ناڻي وز??رت مطابق وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ آهستي آهستي واڌ ٿي رهي آهي، اهم ايڪسپورٽ شعبي پيداوار ۾ واڌ لاءِ تيار آهيون جنهن جو بنيادي ڪارڻ مستحڪم ايڪسچينج ريٽ، ناڻي اؤسر جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي آهي، مانيٽرنگ پاليسي ۾ نرمي سبب سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، عالمي معيشت جي استحڪام سان جٽادار صنعتي ترقيءَ جو عمل وڌيڪ بهتر ٿيندو. ناڻي وز??رت چيو ته خريف 2024ع جي فصلن جو ڀاڙڻ موسمياتي عملن تي آهي. سيپٽمبر ۾ ملڪي روانگي واپار 2.5 ا??ب ڊالر کان وٺي 3 ا??ب ڊالر ۽ ايڪسپورٽ 4.5 ا??ب ڊالرن کان وٺي 5 ا??ب ڊالرن تائين رهڻ جو امڪان آهي، اهڙيءَ ط??ح پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 2.7 ا??ب ڊالر کان وٺي 3.2 ا??ب ڊالرن وچ ۾ رهندو. ناڻي وز??رت طرفان جاري اقتصادي اپ ڊيٽ موجب جاري مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ 44 سيڪڙو جي واڌ ٿي، مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 5.93 ا??ب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 4.124 ا??ب ڊالر هو. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 4.862 ا??ب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 4.536 ا??ب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 7.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 9.53 ا??ب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 8.37 ا??ب ڊالر هو. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي خسارو 171 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذڙيل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 893 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 80.9 سيڪڙو گهٽ آهي. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 350.3 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 225.2 ملين ڊالرن يج ڀيٽ ۾ 55.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آگسٽ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو توازن 75 ملين ڊالر فاضل رڪارڊ ڪيو ويو. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 453.2 ملين ڊالر رهيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 252 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 79.9 کان وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق 20 سيپٽمبر 2023ع تي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 13.079 رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو 20 سيپٽمبر 24ع تي 14.873 ا??ب ڊالر هو. گذريل سال 30 سيپٽمبر تي ايڪسچيج ريٽ 293.89 رپيا هو جيڪو هلندڙ سال 20 سيپٽمبر تي 277.84 رپيا رهيو. جو??اءِ ۾ ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڳاڻيٽو 1.456 کرب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 1.207 کرب رپين جي ڀيٽ ۾ 20.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي خساري جو ڳاڻيٽو جو??اءِ ۾ 387.8 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جو??اءِ ۾ 225.3 ارب رپيا هو. پرائمري بيلنس جو ڳاڻيٽو 107.1 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جو??اءِ ۾ 311.2 ارب رپيا هو. پرائمري خساري ۾ 65.6 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي وز??رت موجب 12 سيپٽمبر تي پاليسي ريٽ 17.5 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال 22 سيڪڙو جي سطح تي هو. آگسٽ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 9.6 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال آگسٽ ۾ 27.4 سيڪڙو هئي. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ صارفين لاءِ قيمتن جا اهڃان 10.4 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪيا ويا جيڪي مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 27.8 سيڪڙو جي سطح تي هئا. جو??اءِ دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 2.4 سيڪڙو جي اؤسر جي شرح سان ٿي. گذريل سال جو??اءِ ۾ اها شرح ڪاٽو 5.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي وز??رت موجب 26 سيپٽمبر تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو انڊيڪس 81658 پوائنٽس جي بلند سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال 45889 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو. 26 سيپٽمبر تي مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 38.56 ا??ب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال 23.23 ا??ب ڊالر هو. نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ 66 سيڪڙو جي اؤسر ڏسڻ ۾ آئي آهي.
ملڪي معيشت استحڪام سان اؤسر طرف گامزن آهي،: ناڻي وزارت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار