اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف سان اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايران ۽ پاڪ??تا?? جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ٿيندو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ايراني صدر جي اعزاز ۾ گار?? آف آنر پيش ڪيو ويندو، ايراني صدر ۽ وزيراعظم شهبا?? شريف وزيراعظم هائوس جي سبزه زا?? ۾ ڌرتيءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪ??تا?? جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اسلام اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ايراني صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو.
ايران جو صدر ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔