اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته پاڪستان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرتگال ۽ ميانمار جي لاءِ پاڪستان جي نا??زد سفيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻ?? جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پرتگال جي لاءِ نا??زد پاڪستاني سفير ڊاڪٽر محمد خالد اعجاز سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ واپار وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، پاڪستان معاشي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان ڀرپور فائدو کڻن. صدر چيو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻي پوندي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي سطح تي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پرتگال جون ڪمپنيون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان جي تربيت يافته انساني وسيلن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. صدر پرتگال جي لاءِ نا??زد پاڪستاني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ميانمار جي لاءِ نا??زد پاڪستاني سفير عمران حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪستان ۽ ميانمار جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ميانمار جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري شعبي ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان جو قديم ٻڌمت ورثو ٻنهي ملڪن کي سياحتي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ وڌيڪ ويجهو آڻي سگهي ٿو. صدر ميانمار ۾ نا??زد سفير جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔