اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد 2024ع جي چونڊن ج?? حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي، ماڻهن کي ملڪ جي حالتن بابت معلومات فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ مقامي هوٽل ۾ ”اليڪشن 2024ع: سياسي پارٽين جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا“ جي موضوع تي ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته اها اهڙا پليٽ فارم مهيا ڪري جتي ملڪ جي مس??قبل ج?? حوالي سان بحث ٿي سگهن. هن چيو ته چونڊن ج?? حوالي سان سڀني کي آگاهي فراهم ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ حڪومت کي ڪهڙيون مشڪلاتون ۽ چئلينجز درپيش هوندا ۽ اهي ڪهڙي طرح انهن مس??لن ۽ چئلينجن کي منهن ڏئي سگهندي. هن چيو ته اسان وٽ نيشنل براڊ ڪاسٽرز ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پورو اسپيڪٽرم موجود آهي جتي ملڪي مس??لن ۽ چئلينجن تي تفصيلي بحث ٿي سگهي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته ميڊيا معلومات جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اڄ جي سيمينار جو مقصد به اهو ئي هو ته چونڊن ج?? حوالي سان سيمينار جي ذريعي ملڪي مس??لن کي اجاگر ڪيو وڃي. هن چيو ته سيمينار منعقد ڪرڻ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي بهترين ڪوشش آهي.
ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي، ماڻهن کي ملڪ جي حالتن بابت معلومات فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری