اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو سڀ کا?? وڏو منصوبو اي?? ايل ون (ريلوي) جو تعميراتي ڪ?? ايندڙ مالي سا?? کا?? شروع ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن موجب نظرثاني ٿيل پلان موجب اي?? ايل ون تي 6.7 ارب ڊالر جي مجموعي لاڳت ايندي جنهن تي پاڪستان ۽ چين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته ان منصوبي تي شروعاتي لاڳت 9 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هئي پر هاڻي اهو منصوبو 6.7 ارب ڊالر جي لاڳت سا?? شروع ٿيندو جنهن تي ٻنهي ڌرين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سا?? هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ٿيندڙ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هڪ اهم اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويو هو. ذريعن موجب اي?? ايل ون فيز ون جي لاڳت 2.7 ارب ڊالر، فيز ٽو جي لاڳت 2.6 ارب ڊالر ۽ فيز ٿري جي لاڳت 1.4 ارب ڊالر هوندي. پهرين مرحلي ۾ اي?? ايل ون تحت نوابشاهه کا?? روهڙي، ??لتان کا?? لاهور ريلوي ٽريڪ ٺهندو، ٻئي مرحلي ۾ لاهور کا?? لالا موسيٰ، ڪيماڙي کا?? حيدرآباد ريلوي ٽريڪ جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ حيدرآباد کا?? ملتان، لالا موسيٰ کا?? راولپنڊي ريلوي ٽريڪ ٺاهيا ويندا. وڌيڪ اهو ته اي?? ايل ون تحت راولپنڊي کا?? پشاور ۽ حويليان تائين ٻه ڊرائي پورٽس پڻ ٺاهيون وينديون جڏهن ته اي?? ايل ون جي مڪمل ٿيڻ سا?? 134 ٽرينون 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سا?? هلنديون. واضح رهي ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن مان مطمئن آهي ۽ تازو ئي ورلڊ بئنڪ جي اعليٰ عهديدارن پاڪستان جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو ۽ وڌيڪ امداد جاري رکڻ جو عزم پڻ ڪيو آهي.
سي پيڪ جو سڀ کان وڏو منصوبو ايم ايل ون (ريلوي) جو تعميراتي ڪم ايندڙ مالي سال کان شروع ٿيڻ جو امڪان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار