اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وق??ي صدر محمد صادق سنجراڻي وقوف عرفه جي باسعادت موقعي تي مناسڪ حج جو اهم رڪن وقوف عرفه ادا ڪرڻ تي سمورن حاجي سڳورن ۽ مسلمان امت کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن برڪتن واري ڏينهن هر مسلمان وچن ڪري ٿو ته الله تعاليٰ جي زات جي حڪمن جي بجاآوري جي ??اء?? هو هر قرباني ڏيڻ جي ??اء?? تيار آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب وق??ي صدر چيو ته قرباني جو جذبو ان وچن جي به تائيد آهي جنهن جو حضرت ابراهيم عه اعلان ڪيو هو، حج اسلام جو اهم رڪن آهي. هن چيو ته اسان کي گهرجي ته قرآن ۽ سنت جو امن، اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام انسانيت ۾ عام ڪريون، مسلمان امت کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ اتحاد جي ضرورت آهي. هن حاجي سڳورن کي پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي جي ??اء?? خصوصي دعا جي پڻ اپيل ڪئي. وق??ي صدر حج جي ??اء?? بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا. سينيٽ جي وقتي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پڻ حاجي سڳورن ۽ سموري مسلمان امت کي باسعادت موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي.
وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي پاران وقوف عرفه ادا ڪرڻ تي سمورن حاجي سڳورن ۽ مسلمان امت کي خصوصي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa