پشاور – 22 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ترقي ۽ روشن مستقبل جي لاءِ اعليٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي، هن يونيورسٽين تي زور ڏن?? ته اهي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، نگران ??ڏي وزير محمد اعظم خان ۽ صوبائي ڪابينا جي مي??برن سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس خيبرپختونخواهه پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي ۽ م??لي معاملن سميت امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سڄي صوبي خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي معاملن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. انضمام کانپوءِ قبائلي عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ آئين ۽ قانون موجب قدم کڻڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ صوبي ۾ پبلڪ سيڪٽرز يونيورسٽين جي م??لي ۽ انتظامي مشڪلاتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چيو ته اعليٰ تعليم تمام اهم شعبو آهي ۽ خيبرپختونخواهه جون يونيورسٽيون ملڪ جي خوشح??لي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون. هن خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين تي زور ڏن?? ته اهي آن لائين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن ۽ معياري فني ۽ پيشيواراڻي تعليم يافته افرادي قوت جو هڪ وڏو انگ پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف شفٽس شروع ڪن جيڪي پائيدار ترقي ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ لازمي آهن. هن يونيورسٽيز انتظاميا کي چيو ته اهي پنهنجي مالياتي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گرانٽ جي ماهر جون خدمتون حاصل ڪن. نگران ??ڏي وزير محمد اعظم خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز جي جلد مقرري جي ضرورت تي زور ڏن??. ان ??وقعي تي صوبائي حڪومت جي عملدارن يونيورسٽين جي موجوده مالياتي ۽ انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏن??.
ترقي ۽ روشن مستقبل جي لاءِ اعليٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا