اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خ??اف ايف بي آر جي درخواست رد ڪندي ايف بي آر کي اطلاع ڏيندڙ جي سڃاڻپ ليڪ ٿيڻ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ??ئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نجي ڪمپني جي اڪائونٽنٽ ڪ??پني پاران مبينا ٽيڪس فراڊ جي معلومات ايف بي آر کي ڏني هئي، اطلاع ڏيندڙ جي معلومات ڪمپني جي مالڪ کي ليڪ ??ئي وئي جنهن تي ملازم کي ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پيو. صدر چيو ته ايف بي آر وضاحت ڪري ته هو قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڪمپني کان سيلز ٽيڪس جي وصولي لاءِ فراهم ڪيل معلومات کي مڪمل طو?? تي ڇو استعمال نه ڪري سگهيو. ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خ??اف ايف بي آر جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ايف بي آر پنهنجي لاڳاپيل اسيسمنٽ آرڊر تي نظرثاني ڪري. صدر هدايت ??ئي ته ايف بي آر اطلاع ڪندڙ کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ۽ فراهم ڪيل معلومات کي مڪمل طو?? تي استعمال ڪري. صدر ڪمپني پاران مختلف مبينا مالي بي ضابطگين بابت معومات جو مڪمل فائدو نه کڻڻ تي ايف بي آر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي واقعو اطلاع ڏيندڙ جي تصور ۽ ان حوالي سان قانونسازي جي سخت خ??اف آهي. هن چيو ته معلومات مان فائدو کڻڻ بدران ايف بي آر تمام گهڻي سستي جو مظاهرو ڪيو. تفصيل موجب محم?? الياس ناردرن ٽولنگز پرائيويٽ لميٽيڊ ۾ اڪائونٽنٽ طو?? ڪم ڪري رهيو هو، هن ايف بي آر کي خبر ڏني ته ڪمپني مختلف مالي بي ضابطگين ۾ ملوث آهي. وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري/دوکيبازي جي اطلاع تي شهري کي اطلاع ڏيندڙ طو?? رجسٽرڊ ڪيو ويو. ايف بي آر ڪمپني جي خ??اف ڪارروائي شروع ??ئي ۽ 1.5 ڪروڙ رپين جي وصولي ڪئي، وصول ٿيل رقم فراهم ڪيل معلومات صحيح طريقي سان استعمال نه ڪرڻ جي ڪري تمام گهٽ هئي. سي ٽي او لاهور جي عملي ٽيڪس چوري ڪندڙ ڪمپني جي مالڪ کي اطلاع ڪندڙ جي سڃاڻپ به ظاهر ??ئي جنهن تي ڪمپني اڪائونٽنٽ کي پوليس ۽ ٻين ڪاررواين سان ڌمڪيون ڏنيون. شڪايت ڪندڙ وفاقي ٽيڪس محتسب کي شڪايت ??ئي جنهن ملازم کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جي هدايت ??ئي جڏهن ته ايف بي آر فيصلي جي خ??اف صدر کي درخواست داخل ??ئي جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪس محتسب جو حڪم رڳو ايف بي آر جي فرض جو ورجاءُ آهي ته معلومات مڪمل طو?? تي استعمال ??ئي وڃي، ايف بي آر چوري ٿيل سيلز ٽيڪس جي رقم جي وصولي لاءِ ٻيهر ڪارروائي ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي معاملي تي ٽيڪس محتسب کي 60 ڏينهن جي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي وڌيڪ هدايت پڻ ??ئي آهي.
صدر پاران وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ايف بي آر جي درخواست رد، ايف بي آر کي اطلاع ڏيندڙ جي سڃاڻپ ليڪ ٿيڻ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز