ڊيووس – 20 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته د??يا کي هن وقت ماحولياتي تبديلين جي ڪري وڏا مسئلا درپيش آهن جن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي م??قعي تي پاڪستان پويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ملڪ ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي م??صوبن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي م??صدن ۽ قدرتي ماحول ۽ پ??ڻي وسيلن جي بحالي جي حوالي سان ان جي افاديت بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري نقصانن ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان ڏس ۾ عالمي برادري جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي م??هن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي سببن جو ذميوار نه آهي پر ان جي باوجود ??ن جي م??في اثرن جو شڪار آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش جي سلسلي ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ فروغ جي م??صوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته ان ڏس ۾ عالمي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان مضبوطي حاصل ڪرڻ جي ذريعي قدرتي آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.
دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديلين جي ڪري وڏا مسئلا درپيش آهن: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II