نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ح??ا رباني کر سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي سياسي معاملن جي انڊر سيڪريٽري وڪٽوريا نولينڊ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير ح??ا رباني کر 55 ملين ??الر جي امداد ذريعي پاڪستان جي ٻو?? متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا ??ڃيا. هن چيو ته آمريڪي ڪانگريس جي وفدن ۽ آمريڪي عملدارن جي پاڪستان جي تازي دوري ٻو?? متاثرين ۽ پاڪستاني عو??م جي لاءِ آمريڪي همدرديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. هن انڊر سيڪريٽري کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪيو، جنهن سان 33 ملين ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته جڏهن ته پاڪستان زهريلي گئسن جي عالمي اخراج جو هڪ سيڪڙو به گهٽ جو ذميوار آهي پر ان کي موسمياتي بحران درپيش آهي. هن حڪومت جي امدادي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ عالمي برادري پاران ڊگهي مدي واري امداد جي ضرورت پوندي. ح??ا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن. مملڪتي وزير ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو ذڪر ڪندي علائقائي امن ۽ استحڪ??م جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي مرڪزيت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين تي وحشياڻو ظلم ڪري رهيو آهي. آمريڪي انڊر سيڪريٽري وڪٽوريا نولينڊ پاڪستان ۾ شديد ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪا نئين سر تعمير ۽ بحالي جي عمل ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو. هن ان ڳالهه کي به ورجايو ته آمريڪا موسمياتي تبديلي، صحت، توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيندو. مملڪتي وزير علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغانستان ۽ ان کان ٻاهر امن، ترقي ۽ استحڪ??م جي ضرورت تي زور ڏنو.
حنا رباني کر سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي سياسي معاملن جي انڊر سيڪريٽري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر