اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پ?? پي) گيمبيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ميمدو تنگارا سميت مختلف ملڪن جا وفد اسلامي تعاون تنظيم ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهچي و??ا. مالديپ جي او آءِ سي جي مستقل نمائندو محمد خليل به اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهتو. ترڪي کان او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽر جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وفد اسلام آباد پهتو، ان کانسواءِ بنگلاديش جي او آءِ سي بابت مستقل نمائندي محمد جاويد پٽواري به اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي و??و. اسلام آباد پهچڻ تي پرڏيهي وزيرن جي اعليٰ عملدارن معزز مهمانن جو پرجوش استقبال ڪي??.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ