لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فور ٽريس اسٽيڊيم لاهور ۾ نيشنل ه??رس اينڊ ڪيٽل شو جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو ??زي?? سردار عثمان بوزدار، عسڪري قيادت، صوبائي ??زي?? ميان محمود الرشيد ۽ سردار حسنين دريشڪ ۽ ٻيا به موجود هئا. اهو ٽن ڏينهن جو ميگا ايونٽ 12 مارچ تائين جاري رهندو. اهو شو سڀ کان اهم سماجي ۽ ثقافتي پروگرام آهي ۽ پنجاب کي آغاز کان ئي ان جي ميزباني جو اعزاز حاصل رهيو آهي. اها تقريب معاشري جي مختلف طب??ن ۽ پاڪستان جي سمورن صوبن سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪجهه حصن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ قومي اتحاد، يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو شاندار اظهار آهي. 6 سالن کانپوءِ منعقد ٿيندڙ ه??رس اينڊ ڪيٽل شو ۽ ان جي بحالي پنجاب حڪومت جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، راندين، صنعتن، دستڪاري ۽ ثقافت وغيره کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۾ شامل آهي، نيشنل ه??رس اينڊ ڪيٽل شو 2022ع جي اهم پروگرامن ۾ گهوڙن ۽ اٺن جو رقص، ٽينٽ پيگنگ، جانورن جا مقابلا، گهوڙي سواري، جمپنگ، ملٽري پوليس پا??ان موٽرسائيڪل تي ايڪرو بيٽڪ اسٽنٽ، گري هائونڊز ريس، ڇٽي بردارن جو فري فال، جانورن جي نمائش ۽ صوبائي رانديگرن جو مارچ پا??ٽ به ان ايونٽ جو حصو آهي، پنجاب جي وڏو ??زي?? صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي نيشنل ه??رس اينڊ ڪيٽل شو جو سووينئر پيش ڪيو، ان کانپوءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ۾ انعام به ورهايا ويا، هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته صوبائي حڪومت کي ان ميگا ايونٽ جي انعقاد ۾ پاڪ فوج جو تعاون به حاصل آهي.
صدر پاران فور ٽريس اسٽيڊيم لاهور ۾ نيشنل هارس اينڊ ڪيٽل شو جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں