اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت اسان جي رت ۾ شامل آهي، آزادي جي ڏيئي جي روشني ڪشمير جي آزادي ??ي صبح جي نويد ثابت ٿيندي ۽ هندستان جي ورهاڱي جي اڻ مڪمل ايجنڊا پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي. هن اها ??ال??ه ”نيلا بٽ ڏهاڙي“ جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چئي. هن چيو ت?? ڪشمير ۾ گذريل هڪ سال جا واقعا ان ??ال??ه جي ناقابل ترديد شهادتون آهن ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ سئو سي??ڙو مقامي ۽ غير هٿياربند آهي جنهن کي رياستي دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino