باڪو-12 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ڪوپ-29 ورلڊ ليڊرز ڪلائمينٽ ايڪشن ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئ?? ۽ مستقبل لاءِ مضبوط موسمياتي معيشت جي تعمير ۾ مدد لاءِ ??ڏيل عرب امارتن جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل عرب امارتن جي خابرو اداري موجب ڪوپ-29 موسمياتي عالمي سربراهي ڪانفرنس ۾ پنهنجي شرڪت جي موقعي تي شيخ محمد بن زايد ماحولياتي تحفظ ۽ـ پائيدار ترقيءَ جي اصولن لاءِ ??ڏيل عربن امارتن جي گهري پاڙن واري ميراث ۽ ??زم کي اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان لڳن سبب گڏيل عرب امارتن گذريل سال ڪوپ-28 جي ميزباني ڪئ?? جنهن دوران ملڪ پيرس معاهدي جي هدفن کي حاصل ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ پهرين گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ جو اثرائتو جواب فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي سهڪار جي حمايت ڪئ??. هن چيو ته موسمياتي ايڪشن تي جاري تعميري عالمي سهڪار پائيدار اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي هڪ نئين دؤر جي راهه ه??وار ڪري سگهي ٿو، جنهن سان سمورين قومن کي فائدو ٿئي. هن موسمياتي ايڪشن کي بار بجاءِ ترقيءَ جي هڪ منفرد موقعي تي طور پيش ڪيو ۽ اهو نوٽ ڪيو ته ڪوپ-28 ۾ پيش ڪيل تاريخي گڏيل عرب امارتن جو اتفاق راءِ توانائي جي شعبي ۾ هڪ منظم، ذميدار، منصفاڻو ۽ عقلي منتقلي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل عالمي ??زم جي تصديق ڪري ٿو. ان معاهدي پيرس معاهدي جي عزمن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ به فراهم ڪيو ۽ گذريل مالياتي وعدن لاءِ وابستگي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور قومن ۽ ڪميونٽيز لاءِ موسمياتي فنڊنگ کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن ذريعي گهڻ رُخي نظام ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. هن سمورين ڌُرين کان مطالبو ڪيو ته ه?? تقسيم تي گڏيل تفهيم کي ترجيح ڏين ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هاڻي اجتماعي مشن انسانيت جي بهتريءَ لاءِ ??ڏجي ڪم ڪرڻ آهي. ڪوپ-29 آمد تي شيخ زايد جو استقبال آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيرش ڪيو. هن ڪيترن ئي وفدن جي سربراهن سان دوستاڻي ڳالهه ٻولهه ۾ به حصو ورتو. صدر سان گڏ گڏيل عرب امارتن جي وفد عالمي اڳواڻن جي موسمياتي ايڪشن سربرا??ي اجلاس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئ??. آذربائيجان جي صدارت ۾ ڪوپ-29 موسمياتي ڪانفرنس جي ميزباني باڪو ۾ 11 کان 22 نومبر تائين ”هڪ سبز دنيا لاءِ ??ڏ“ جي عنوان تحت جاري آهي.
گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڪوپ-29 ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ