اسلام آباد – 24 جول??ءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ ملڪ ۾ مقامي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ درپيش رڪا??ٽن کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، غير ملڪي مشنز ۽ لاڳاپيل حلقن جي وچ ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي باري ۾ بريفنگ جي صدارت ڪن??ي چئي. ناڻي واري وزير داڪٽر شمشاد اختر، ناڻي وارو سيڪريٽري عارف احمد خان، ايف بي آر چيئرمين رخسانه ياسمين، سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري محمد جهانزيب خان، وزيراعظم جو ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ ٻيا سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل