اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي معاشري جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيف ويلفيئر آگاهي فائونڊيشن جي وفد سان ڳالهائيند?? ڪيو جنهن فائونڊيشن جي صدر شيخ محمد منشا جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چي?? ته خصوصي ماڻه?? کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪ??ڻو پوندو. هن چي?? ته ٻڌڻ کان محروم ماڻه?? کي هنرمند بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٻڌڻ کان محروم ماڻه?? کي ڳالهه ٻولهه ۽ تعليم تائين پهچ ۾ آساني فراهم ڪري سگهجي ٿي. صدر چي?? ته خصوصي ماڻه?? کي اعليٰ تعليم جي لاءِ يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ ڇوٽ ڏني پئي وڃي جڏهن ته نادرا جا خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، خصوصي ماڻهو نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذوري جو سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين. صدر چي?? ته حڪومت، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻه?? کي گڏجي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪ??ڻو پوندو. ملاقات ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي. وفد صدر کي ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي مسئلن ۽ فائونڊيشن جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو.
خصوصي ماڻهن جي معاشري جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ