اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان فلسطين جي جنين پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي قابض فوج جي تازي ڇاپي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ 14 سالا ٻار سميت 4 فلسطيني شهيد ۽ 40 کان وڌيڪ شه??ي زخمي ٿي?? آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪريون ٿا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ب??ادري تي زور ڏيون ٿ?? ته اها فلسطيني عوام جي تحفظ جي لاءِ فوري قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته مسئلي جو پرامن حل ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ ۾ آهي، اسان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جو م??ال??و ڪريون ٿا جنهن جو گادي وارو شه?? القدس شريف هجي.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ