اسلام آباد – 07– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ احتياطي صحت جي سهولتن جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان محدود وسيلن جي ڪري 22 ڪروڙ آبادي جي صحت جي ضرورتن کي علاج جي طريقن سان پورو ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي ميمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪري گهڻين بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، احتياطي صحت جو طريقيڪار سستو آهي ۽ اهو بيمارين جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان کي عوامي صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لا??ِ هدفن تي ٻڌل منصوبابندي ڪرڻ جي ضرورت آ??ي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته احتياطي صحت ملڪي صحت جي پاليسي جي ترجيح هجڻ گهرجي، ڪج??ه ملڪن احتياطي صحت تي ڌيان ۽ انساني وسيلن جي فڪري ترقي تي سيڙپڪاري سان صحت جي شعبي ۾ زبردست بهتري آندي آهي. اجلاس کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن بابت پڻ ٻڌايو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته وڌندڙ گرمي پد سان بيمارين جي بار ۾ اضافي جو خدشو آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي لا??ِ عالمي فنڊنگ ??اصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ويو ته ملڪي صحت جي پروگرامن ۽ اڪيڊمي جي مستقبل جي مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لا??ِ وسيلا متحرڪ ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت آ??ي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي لا??ِ قومي منصوبو جوڙڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي ٽئين سينيٽ اجلاس جي منٽنس جي پڻ توثيق ڪئي وئي.
ملڪ ۾ احتياطي صحت جي سهولتن جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ