اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تباهي آڻيندڙ جنگي حڪمت عملين کان پاسو ڪرڻ ۽ پرامن حڪمت عملي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آه?? ته دنيا جي ترجيح هٿيارن ۽ هٿياربند فوج تي کربين ڊالر خرچ ڪرڻ بدران موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ، بک، غربت، وبائي مرضن، بيمارين ۽ ناخواندگي جهڙن عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ گهرجي، دنيا کي بک، غربت ۽ ناخواندگي جهڙا چئلينجز درپيش اهن جنهن تي اٽڪل هڪ ٽريلين ڊالر خرچ ڪري ضابطو آڻي سگهجي ٿو جيڪو ترقي يافته دنيا جي فوجي خرچن کان تمام گهٽ آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ تربيت هيٺ غيرملڪي فوجي آفيسرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آه?? ڇو ته اهو رڳو انسانيت جي لاءِ تباهي ۽ مصيبتون آڻي ٿي. هن ڳالهين ۽ مفاهمت جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان عالمي ۽ علائقائي مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته جنگين دنيا جي مختلف خطن ۾ تباهي مچائي آه?? ۽ خاص طور تي وچ اوڀر ۽ آفريقا ٻين ملڪن پاران مڙهيل جنگين ۽ گڏيل تڪرارن جي ڪري تباهي جو شڪار ٿيا آه??. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته دنيا ۾ پولرائيزيشن ۽ ٻيهر صف بندي ٿي رهي آه?? ۽ اسرندڙ ملڪن کي عالمي دشمنين ۾ غيرجانبدار رهڻ گهرجي. علائقائي تعاون بابت ڳالهه ڪندي صدر چيو ته آسيان جهڙيو?? ٻيون علائقائي تنظيمون اقت??اد?? ۽ علائقائي تعاون جي فروغ ۾ تمام موثر ۽ ڪامياب آه?? پر افسوس آه?? ته ڀارت جي ڏاڍ واري رويي ۽ خطي جي ٻين ننڍن ملڪن تي بالادستي قائم ڪرڻ جي ان جي خواهش جي ڪري سارڪ پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آه?? پر بدقسمتي سان ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد نه ڪري رهيو آه??. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت انساني حقن جي سنگين خل??ف ورزين ۾ ملوث آه?? ۽ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي شهري آبادي جي خل??ف ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ڪري رهيو آه??. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ۾ مدد ڪري. صدر دهشتگردي جي خل??ف پاڪستان جي ڪاميابين ۽ قربانين تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت کي شڪست ڏني. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آه?? ته ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا پاڪستان جو سڀ کان قديم ۽ پريميئر فوجي تربيتي ادا??و آهي، هن وقت مختلف دوست ملڪن جا فوجي آفيسر هن ڪاليج ۾ تربيت هيٺ آه?? جن ايوان صدر جو دورو ڪيو.
صدر پاران عالمي امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تباهي آڻيندڙ جنگي حڪمت عملين کان پاسو ڪرڻ ۽ پرامن حڪمت عملي تي ڌيان ڏيڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil