اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگردن، مقام?? آبادي ۽ سياحن جي سهولت لاءِ گلگت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪ چين اقتصادي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي اسڪردو جي ش??گردن ۽ استادن سان ملاقات دوران ڪيو. يونيورسٽي آف بلتستان اسڪردو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نعيم خان ??در کي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته هن وقت يونيورسٽي جي مختلف ڪئمپسز ۾ 3200 شاگرد مختلف پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. ??در چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ ۽ صنعت جي وڌندڙ ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هنرمند گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو، مقام?? آبادي ۽ سياحن جي سهولت لاءِ گلگت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته يونيورسٽيون مقامي نوجوانن جي مهارت ۾ اضاف?? تي ڌيان ڏين، آن لائين تعليم جو ڪاٿو وڌائي ش??گردن کي مارڪيٽ ضرورتن موجب هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. ??در چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي ش??بي ۾ ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، حڪومت گلگت بلتستان جي ماڻهن جي معاشي صحت بهتر بڻائڻ جيل اءِ سياحت جي ش??بي جي ترق?? تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ گلگت بلتستان کي مرڪزي مقام حاصل آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميون جي پروسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ معدنيات شعبي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ معاشي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. ??در گلگت بلتستان جي ش??گردن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.
گلگت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ