اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته حڪومت قانون جي هڪجهڙي لاڳو جي حوالي سان ڪا به رعايت نه ڪندي، ميان نواز شريف کي وطن واپسي آڻڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، اين آر او جي حوالي سان حڪومت بليڪ ميل نه ٿيندي، ??ڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته ماضي ۾ ڏنل اين آر اوز جي ڪري ملڪ جي قرضن ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي، ڪابينا بلوچستان حڪومت ??ي درخواست تي بليدا ٽ??ئون انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان ڏکڻ لاءِ ٻن پلٽونن جي منظوري به ڏني. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي عوام جي مشڪلاتن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪ??دي ان جي ازالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، اجلاس کي قبائلي عل??ئقن جي انضمام کانپوءِ ڪوٽا جي نظام ۽ انهن عل??ئقن ۾ عوام کي ملڪ جي ٻين عل??ئقن جي برابر آڻڻ جي حوالي سان ڪوٽا سسٽم جي اهميت تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان چيو ته گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل عل??ئقن ۽ طبقن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪوٽا سسٽم پهرين وانگر جاري آهي جنهن جو مقصد پوئتي پيل ماڻهن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ آهي، هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪوٽا سسٽم ۾ انصاف هجي.
حڪومت قانون جي هڪجهڙي لاڳو جي حوالي سان ڪا به رعايت نه ڪندي، ميان نواز شريف کي وطن واپسي آڻڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا: وفاقي ڪابينا
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر