واشنگٽن-17 جنوري (اي پي پي) آمر??ڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستاني ڄائي آمريڪي شخصيت فوزيه جنجوعه کي رياست نيوجرسي جي ٽائون شپ مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.فوزيه جنجوعه پهرين مسلمان ۽ ڏکڻ ايشيائي عورت آهي ج??ڪا ان عهدي تي مقرر ٿي آهي.پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪستاني سفير فوزيه جنجوعه سان ورچوئل م??اقات دوران چيو ته اوهان جي ڪاميابي پوري پاڪستان لاءِ فخر آهي ۽ پاڪستان ۽ آمر??ڪا ??نه?? لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته اوهان ??نه?? ملڪن وچ ۾ پل جي حيثيت رکو ٿا. پاڪستاني سفير ميئر کي مبارڪون ڏيندي آمريڪي سياست ۾ پاڪستاني ڄاون آمريڪين جي وڌندڙ ڪردار تي روشني وڌي، هن چيو ته پاڪستاني ڄاوا آمريڪي، آمر??ڪا جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي منظرنامي ۾ تمام وڏو حصو وجهي رهيا آهن، هن چيو ته اوهان جي چونڊ آمريڪي سياسي قيادت ۾ وڌندڙ تنوع ۽ آمريڪي سياست جي ڪڙين ۾ رنارنگ ثقافتن جي وڌندڙ انضمام جي نشاندهي ڪري ٿي. هن ميئر فوزيه جنجوعه کي دعوت ڏني ته هو پنهنجي تڪ جي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن سان پاڪستان جو دورو ڪري ۽ کين پاڪستاني هم منصبن سان جوڙين.اوهان پاڪستان ۽ آمر??ڪا وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي پل بڻائي سگهو ٿا ڇاڪاڻ ته ??نه?? ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن. پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو ته فوزيه جنجوعه اردو ۾ پاڪستاني ڊرامن، موسيقي ۽ کاڌي جي واکاڻ ڪئي. هن پنهنجي پٽن سان گڏ ئي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جيڪي ملڪ جي ثقافت جو تجربو ڪرڻ جو منتظر آهن.
پاڪستاني سفير مسعود خان پاران فوزيه جنجوعه کي مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج