پيرس -20 نومبر (اي پ?? پي) فرانس پنهنجي ايٽمي صلاحيتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڊگهي مفاصلي تي هدف کي نشانو بڻائيندڙ ايم51.3 بيلسٽ?? ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. برطانوي خابرو ??داري مطابق فرانس جي دفاع واري وزارت هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته ميزائيل ايٽمي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت نٿو رکي، اهو ميزائيل ڏکڻ اولهه کان فرانس جي فوج ??ي بسڪا روسي ميزائيل ٽيسٽنگ سائٽ تان فائر ڪيو ويو هو ۽ ڪنهن به سامونڊي پ??ي کان ڪيترائي ڪلوميٽر ڏور اتر اوقيانوس سمنڊ ۾ ڪريو. دفاع واري وزارت چيو ته ان تجربي سان ميزائيل ۾ هڪ وڏي بهتري جي تصديق ٿي آهي، جيڪا ايندڙ ڏه??ڪن ۾ فرانس جي سامونڊي دفاع جي ديرپا صلاحيت ۾ حصو وجهندي. دفاع واري وزارت چيو آهي، ته عالمي حالتن کي نظر ۾ رکندي فرانس جي ايٽمي هٿيارن جي آپريشنل ساک ??ي برقرار رکڻ ضروري آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر