پشاور – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پشاور ۾ بي آر ٽي منصوبي جو اف??تاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان پشاور جو دورو ڪيو جتي هن بي آر ٽي منصوبي جو اف??تاح ڪيو. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان کانسواءِ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، ??ذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق ۽ صوبائي وزير پڻ ان موقعي تي موجود ه??ا. ??زيراعظم عمران خان کي ان موقعي تي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بي آر ٽي جي مڪمل ٿيڻ سان پشاور ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي جديد سفري سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿيندي. اف??تاحي تقريب چمڪني ڊپو ۾ ٿي. بي آر ٽي جو ٽريڪ 27 ڪلوميٽر آهي، بي آر ٽي جو في اسٽاپ ڪرايو 10 رپيا جڏهن ته مڪمل سفر 50 رپين م ٿيندو. هڪ اسٽيشن کان ٻي اسٽيشن جو فاصلو 850 ميٽر آهي. حڪومت پاران بي آر ٽي بس ۾ سفر جي لاءِ شهرين ۾ رڳو 3 ڏينهن ۾ 80 هزار ڪارڊ مفت ورهايا و??ا آهن. بي آر ٽي منصوبي تي ڪم جي شروعات آڪٽوبر سال 2017ع ۾ ٿي.
وزيراعظم عمران خان پشاور ۾ بي آر ٽي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania