اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته پاڪستان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، نئون سياسي نقشو قوم جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ڪشميرين کي جلد انهن جي منزل ملي، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين، منزل تائين پهچڻ کان اڳ ان جو تصور ذهن ۾ آڻڻ لازمي هوندو آهي. پاڪستان جو نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي قوم کي مبارڪباد ڏيندي هن چي?? ته اهو نقشو پهريون قدم آهي، ڀارت 5 آگسٽ جو ج??ڪو قدم کنيو هيءَ نقشو ان جي نفي آهي، والاريل ڪشمير جا ماڻهو پاڪستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا، مون کي يقين آهي ته اهي پنهنجي منزل تائين ضرور پهچندا. هن چي?? ته وفاقي ڪابينا سياسي نقشي جي باقاعده منظوري ڏني، ڪشمير مئسلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۾ آهي. عمران خان چي?? ته اسان سياسي جدوجهد ڪنداسين، فوجي جدوجهد کي نه ٿا مـڃون، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسي??، جيستائين زندهه آهيان پاڪستاني قوم ڪشمير جي لاءِ جدوجهد ڪندي. هن چي?? ته نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ظاهر ڪيو ويو آهي، ڪشمير پاڪستان جو حصوبڻجندو هي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پاڪستان جي سمورن سياستدانن نئين نقشي جي تائيد ڪئي.
پاڪستان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے