رياض _ 10 مئي (اي پي پي ) سعودي عرب جي ٽراسنپور?? واري وزير ولاجسٽڪ سروس انجنيئر صالح الجاسر چيو آهي ته حج سيزن ۾ جديد ترين ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي ويندي ته جيئن حاجين کي فراهم ڪيل خدمتن جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي . هن ??لعربيه نيٽ کان خصوصي ڳالهيون ڪندي چيو ته حج سيزن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪ جو شعبو انتهائي اهم هوندو آهي . هلندڙ سال حج سيزن دوران جديد ٽيڪنالوجيز ما?? فائدو کڻندي هوائي ٽيڪسن ۽ ڊرونز جو استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي . هن چيو ته حاجين جي اچ وڃ کي منظم ڪرڻ لاءِ جوڙيل گڏيل پروگرام تحت مقرر ??قت تي عملي قدم کڻڻا پوندا آهن ??ه جيئن حاجين کي ڪنهن قسم جي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي .
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر