رمله – 21 مارچ (اي پي پي) وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني خبرد??ر ڪيو آهي ته غزه ۾ جلد بک ۽ بيماريون فوتگين جو اصل سبب بڻجي وينديون. شنهوا مطابق هن ايڪس ??ي جاري بيان ۾ لکيو آهي ته غزه ۾ پيدا ٿيندڙ ان خوفناڪ ڏڪار کي فوري امداد سان روڪي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اڳ کان وڌيڪ سياسي عزم جي ضرورت آهي. هن خبرد??ر ڪيو ته غزه ۾ ڏڪار اچڻ وارو آهي ، خاص طور تي اتر غزه جي ڌار ڌار آبادين کي ان ڏڪار جو وڌيڪ خطرو آهي ڇو جو اهي ماڻهو بنيادي انساني امداد کان محروم آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته غذائي تحفظ لاءِ مربوط مرحلي جي درجه بندي سان ن??يج?? ڪڍيو ويو آهي ته غزه ۾ 1.1 ملين تائين ماڻهن کي خوراڪ جي عدم تحفظ جي تباهي پکيڙيندڙ سطح درپيش آهي.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر