راملا -24 آڪٽ??بر (اي پي پي)اسرائيل جي حملن سبب غزه پٽي ۾ ??هي?? ٿيلن جو انگ 5 کان وڌي ويو آهي. فلسطين جي صحت کاتي مطابق رات جو اسرائيل جي فوج طرفان ڪيل ڪيترن ئي حملن بعد هاڻي تائين ??هي?? ٿيل فلسطينين جو مجموعي انگ 5 هزار کان وڌي ويو آهي. غزه جي صحت واري وزارت جي تازن رپورٽن مطابق 7 آڪٽ??بر کان غزه ۾ ??هي?? ٿيلن جو انگ 5087 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي فوتگين جي شرح 62 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ان کان علاوه 15273 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا آهن. گڏيل قومن جي انساني همدردي واري اداري جي اختيارين فوري طور تي جنگبندي ۽ وڌيڪ امدادي قافلن کي غزه ڏانهن اماڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سربراهه ٽيڊ روس ازهانوم گيبريئس پنهنجي نئين اپيل ۾ چيو آه??، ته طبي ضروري شيون ۽ ٻارڻ جي امداد جي فراهمي کي رڪجڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته غزه جي شهرين جون ح??اتيون امداد جي فراهمي تي ٻڌل آهن. غزه اسرائيل بحران تي گڏيل قومن جي انساني امداد جي رابطا آفيس او سي ايڇ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ لاپتا ٿيل ماڻهن جو اطلاع ڏنو آهي، خيال ڪيو پيو وڃي ته اهي ملبي هيٺان ڦاٿل آهن يا فوت ٿي چڪا آهن.
اسرائيل جي حملن ۾ غزه پٽي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 5 هزار کان وڌي ويو آهي: فلسطيني اختياريون
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن