اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد اح??د چيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي جو پارليامينٽ هلي پئي آهي، ٽي ڏ??نه?? تائ??ن جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو نه ڏٺو ويندو. وزيراعظم عمران خان 5 سال پورا ڪندو، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس اسلام آباد کي مثالي شهر بڻائي طاقتورن کي پڪڙن، ملڪ جو اصل مسئلو هي آهي ته صرف غريب ئي قانون جي پڪڙ ۾ اچي ٿو. گذريل ڏ??نه?? ايگل اسڪواڊ جي فليگ مارچ جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه گادي واري شهر کي مثالي شهر بڻائي اسلام آباد کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، آئس ۽ هيروئن جي وڏن وڏن ??يل??ن ۽ ريڪٽس کي پڪڙيو وڃي، قانون صرف غريبن خلاف حرڪت ۾ نه اچي، ملڪ جو اصل مسئلو اهو ئي آهي ته غريب قانون جي گرفت ۾ اچي وڃي ٿو، جڏهن ته وڏن ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي.
وزيراعظم عمران خان حڪومت جا 5 سال پورا ڪندو، اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جي بهتريءَ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : apostas quina