سرينگر – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ س??ي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين پاران ڪالهه 27 آڪٽوبر کي ڀارت پاران پنهنجي ملڪ تي 73 س??لن کان جاري غيرقانوني قبضي کي رد ڪرڻ جي لاءِ ڪاري ڏينهن طور ملهايو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پوري والاريل علائقي ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي. سموريون سرڪاري ۽ نجي آفيسون، دڪان ۽ واپاري مرڪز بند رهيا جڏهن ته رستن تي ٽريفڪ جي گهٽ اچ وڃ رهي. نوهٽه ۽ سرينگر جي ٻين علائقن ۾ پاڪستان جي نقشي وارا پوسٽر جن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير کي پاڪستان جو حصو ڏيکا??يو ويو هو ۽ پاڪستاني جهنڊا ڦڙڪايا ويا ۽ آزادي جي حق ۾ نعرا هنيا ويا.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا