گڏيل قومون-25 جولاءِ (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته تڪرارن، معاشي عدم استحڪ??م ۽ شديد موسمي حالتن سبب گذريل سال 73 ڪروڙ 30 لک ماڻهن ??ي بک جو منهن ??سڻو پيو، جرمن نشرياتي اداري ڊي ڊبليو موجب اسٽيٽ آف فوڊ سيڪيورٽي اينڊ نيوٽريشن ان ورلڊ جي عنوان سان جاري ر??ورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2030ع ??ائ??ن دنيا مان بک جي خاتمي جو گڏيل قومن جي هدف کي هاڻي حاصل ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ٿيندو پيو وڃي. گڏيل قومن جي ر??ورٽ موجب جنگين، ماحولياتي تبديلين ۽ معاشي بحرانن سان دنيا بري طرح متاثر ٿي ر??ي آهي. رپورٽ موجب شديد بک جو مسئلو وڌيڪ گهرو ٿي ويو آهي جڏهن ته غذائيت بخش کاڌو ڪيترن ئي ماڻهن جي پهچ کان پري آهي. 2023ع ۾ اٽڪل 733 ملين ماڻهن ??ي بک جو منهن ??سڻو پيو يعني عالمي سطح تي هر 11 ماڻهن مان هڪ ماڻهو بک جو شڪار ٿيو. اٽڪل 29 سيڪڙو آبادي کي مجبورن ڪڏهن ??ڏهن ??اڌي کانسواءِ ئي ر??ڻو پيو. ان ۾ به آفريقا جي خطي ۾ صورتحال خاص طور تي سنگين رهي جتي هر پنجن مان هڪ ماڻهو کي بک جو منهن ??سڻو پيو.گڏيل قومن سان لاڳاپيل پنجن ايجنسين جي طرفان تيار ڪيل ان رپورٽ کي برازيل ۾ ٿيل جي – 20 سربراهي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو آهي. موجوده اندازن موجب 2030ع ??ائ??ن بک جي مڪمل خاتمي لاءِ 176 بلين ڊالرن کان 3.98 کرب ڊالرن ??ائ??ن جي ضرورت آهي. رپورٽ موجب ان لاءِ عطيو ڏيندڙ عالمي ايجنسين ۽ امدادي گروپن کي پنهنجي قدمن کي بهتر طريقي سان جامع ڪرڻ گهرجي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي وقت ضايع ڪرڻ جو ناهي پر فوري قدم کڻڻ جو آهي.
دنيا مان بک جي خاتمي جي هدف کي حاصل ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ٿيندو پيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔