نيويارڪ-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سلامتي ڪائونسل اسرائيل خ??اف ڪارروائيءَ تي حماس جي مذمت جو ??مريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل بند ڪمري واري اجلاس ۾ آمريڪا سمورن 15 ميمبرن کان م??البو ڪيو ته هو حماس طرفان اسرائيل خ??اف دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪري پر ڪائونسل جي ميمبرن آمريڪي مطالبي تي ڪا فوري ڪارروائي نه ڪئي. آمريڪي نائب سفير رابرٽ ووڊ بعد ۾ صحافين کي ٻُڌايو ته ڪجهه ملڪ حماس جي حملي جي مذمت تي آماده هئا پر ڪائونسل جي سمورن ميمبرن ان سان اتفاق نه ڪيو. گڏيل قومن ۾ روس جي سفير ويسلي نيبنزيا چيو ته اسان شهرين تي ٿيل سمورن حملن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته روس جو پيغام آهي ته هي ضروري آهي ته جهيڙي کي فوري طور روڪيو وڃي، جنگبندي ڪئي وڃي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رڪاوٽ جو ??ڪار ڳالهيون ٻيهر شروع ڪيون وڃ??. ا?? کان اڳ چيني سفير زانگ جون پڻ چيو ته سندس ملڪ شهرين تي ٿيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو پر هن به حماس جو ??ڪر نه ڪيو. چيني سفير چيو ته اهم ڳالهه هي آهي ته صورتحال کي وڌيڪ ڇِڪتاڻ کان روڪيو وڃي ۽ شهرين جون وڌيڪ فوتگيون نه ٿين ۽ هي اهم آهي ته ڌُرين کي ٻه رياستي حل طرف واپس آڻڻو آهي.
سلامتي ڪائونسل اسرائيل خلاف ڪارروائيءَ تي حماس جي مذمت جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر