اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي عملدارن خاطري ??رائي آهي ته هو پنهنجا سمورا معاملا 11 کان 12 آگسٽ تائين مڪمل ڪري وٺندا، اليڪشن ڪميشن جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 13 کان 14 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهج?? ٿو، آئين موجب اليڪشن ڪميشن نتيجن جي اعلان کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لازمي آهي، 15 آگسٽ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ آئيني گهرج آهي،. هو نيشنل آرڪائيو جي دوري ??انپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ چونڊ ايڪٽ 2017ع تحت اليڪشن ڪميشن جون 7 ذميداريون آهن جنهن ۾ سڀ کان پهرين ذميداري اليڪشن نتيجا جوڙڻ آهي جنهن کانپوءِ ڪام??اب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ??رڻ، نوٽيفڪيشن کانپوءِ 10 ڏينهن جي اندر اميدوارن جي چونڊ خرچن جا گوشوا??ا جمع ڪرڻ، آزادي اميدوارن کي ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وقت فراهم ڪرڻ، پارٽي جون لسٽون جاري ??رڻ، عورتن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽون جاري ??رڻ آهي.
اليڪشن ڪميشن جي عملدارن خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجا سمورا معاملا 11 کان 12 آگسٽ تائين مڪمل ڪري وٺندا: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ