اوٽاوا-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سفارتي محاذ تي ڀارت کي ھڪ وڏو جھٽڪو لڳو آهي ڪينيڊا ڀارتي ھا??ِ ڪمشنر سنجي ڪمار ورما ۽ 5 سفارتي اھلڪارن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق خالصتان نواز سک اڳواڻ ھ??دي?? سنگهه نجر جي قتل ڪيس سبب ڀارتي سفارتڪارن کي ڪينيڊا مان ملڪ بدر ڪيو ويو آھي. ان کان اڳ ڀارت پنھنجي شرمندگي کي لڪائڻ لاءِ ڪينيڊا مان پنھنجي ھا??ِ ڪمشنر ۽ سفارتڪارن کي وا??س گھرائڻ جو فيصلو ڪيو، انھن سفاتڪارن کي ڪينيڊا خالصتان نواز سک اڳواڻ ه??دي?? سنگ نجر جي قتل جي جاچ ۾ شامل ڪيو ھو. ڀارتي پرڏيھي وزارت نئين دھلي ۾ ڪينيڊا احتجاج ۾ ناظم الامور کي به طلب ڪري ورتو. ڀارتي پرڏيھي وزارت چيو ته ڪينيڊا ۾ موجود ڀارتي سفارتڪارن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان مودي حڪ??مت کي ڪينيڊا جي موجوده حڪ??مت تي اعتبار نه آھي. ڀارت جوابي قدمن جو حق رکي ٿو. واضح رھي ته ٻنھي ملڪن وچ ۾ تڪرار جي شروعات گذريل سال ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ ھ??دي?? سنگه نجر جي قتل بعد ٿيو ھو. ڪينيڊا جي وزيراعظم ھ??دي?? سنگ نجر جي قتل جا الزام ڀارتي حڪ??مت تي لڳايا ھئا. ان کانپوءِ ڀارت 41 ڪينيڊين سفارتي اختيارين کي ملڪ ڇڏڻ جو چيو ھو.
ڪينيڊا پاران ڀارت جي ھاءِ ڪمشنر سميت 5 سفارتڪار ملڪ بدر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا