رياض _ 4 سيپٽمبر (اي پي پي )سعودي عرب اسرائيل جي الزامن خلاف مصر جو ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب جي پرڏي??ي وزير فلاڊيلفيا ڪوريڊور جي حوالي سان اسرائيل جي بيانن تي شديد تنقيد ۽ ان جي مذمت ڪئي آهي. سعودي پرڏي??ي وزارت بيان ۾ چيو ته اسرائيل طرفان جيڪو ڪجهه چيو ويو آهي اهو عا??مي قانونن ۽ اصولن جي جاري اسرائيلي خلاف ورزين کي جواز فراهم ڪرڻ جي فضول ڪوششن کانسواءِ ڪجهه ناهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم جي الزامن جي جواب ۾ اسان مصر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ مصر جي حڪومت سان گڏ آهيون. سعودي عرب چڙ ڏياريندڙ بيانن جي نتيجي ۾ مصر ، قطر ۽ آمريڪا طرفان غزه ۾ مستقل جنگ ??ند?? لاءِ ڪيل ٽياڪڙي جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ لاءِ ان جي خطري کان پڻ خبردار ڪيو. سعودي پرڏي??ي وزارت چيو ته اسرائيلي دعوى خطي ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ کي وڌائي رهي آهي. پرڏي??ي وزارت فلسطيني عوام جي مصيبتن جي خاتمي جي اهميت، 1967ع جي سرحدن تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيام ۽ اوڀر بيت المقدس کي ان جي گادي وارو هنڌ بڻائڻ جي عا??مي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀريو.
اسرائيل جي وزيراعظم جي الزامن خلاف مصر جو ساٿ ڏيڻ لاءِ گڏ آهيون: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں