بيروت -23 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي فضائيه لبنان جي ڏکڻ ۽ اوڀر حصن ۾ وڏي پئماني تي فضائي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل جي فضائي حملن ۾ ڏکڻ ضلع نباتيه، بنت حييل ۽ مرجعون جي ڪيترن ئي علائقن سان گڏوگڏ اوڀر علائقن بيڪادي، بعلبيڪ ۽ هرميل ۾ هدفن ک?? نشانو بڻايو پيووڃي. رپورٽ مطابق اسرائيل جي دفاع واري وزير يو ايو گيلانٽ لبنان ۾ فضائي حملا شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي آمريڪي هم منصب لائيڊ آسٽن سان ڳالهايو آهي ۽ کيس لبنان ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو آهي. ان گفتگو ۾ وسيع تر علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ايران ۽ ان جي حامي هٿياربند گروپن طرفان اسرائيل کي لاڳو خطرن تي به ڳالهيون ڪيون آهن. اسرائيل جي فوج لبنان ۾ پنهنجي فوجي ڪارروائي جا 3 هدف مقرر ڪيا آهن جن ۾ لبنان جي سرحدي علائقن مان ح??ب الله جي ٺڪاڻن جو خاتمو، اسرائيل خلاف ڪارروائين جي ح??ب الله جي صلاحيتن ک?? ختم ڪرڻ ۽ ح??ب الله کي اسرائيلي سرحد سان واڳيل لبنان جي علائقن مان پوئتي هٽائڻ شامل آهي ته جيئن اسرائيل کي لبنان سان واڳيل سرحد تي واقع آبادين مان ڪڍيل اسرائيلي شهرين ک?? سندن گهرن ڏانهن واپسي کي ممڪن بڻائي سگهجي، جڏهن ته آمريڪا لبنان ۾ موجود پنهنجن شهرين ک?? خبردار ڪيو آهي ته هو فوري طور تي ملڪ ڇڏي وڃن. آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته ح??ب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ باوجود ڪمرشل اڏامون هلي رهيون آهن. آمريڪي شهرين ک?? جيڪا به فوري فلائيٽ ملي وڃي ان ذريعي لبنان مان نڪري وڃن. ح??ب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ بيروت سميت لبنان ۾ بم ڌماڪن جي امڪاني نوعيت کي نظر ۾ رکندي آمريڪي سفارتخاني آمريڪي شهرين تي زو?? ڀريو آهي ته هو لبنان ڇڏي ڏين.
اسرائيل لبنان تي وڏن فضائي حملن جي شروعات ڪري ڇڏي، آمريڪا پاران پنهنجن شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ